منهڙو ڀرسان روهڙي ڪئنال جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن ڳوٺ چنڱل ڏاهري، بودلو ڏاهري، لنڊو ڪڙيو جي ڳوٺاڻن خالد حسين ڏاهري، مير محمد ڏاهري، مقبول ڏاهري، اسلم ڏاهري، پرويز ڏاهري ۽ ٻين آبپاشي داد ڊويزن جي عملدارن خلاف ڪالهه ٻئي ڏينهن به روهڙي ڪئنال جي يوسف ڏاهري موري تي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته روهڙي ڪئنال جا ڪپر يوسف ڏاھري موري کان بودلو ڏاھري موري تائين مسلسل برساتن سبب ڪمزور ٿي ويا آهن. خاص طور تي آر ڊي 480 کان 490 تائين روهڙي ڪئنال جا ڪپر سخت متاثر ٿيا آهن. اسان بار بار اريگيشن وارن کي آگاهي ڏني آهي پر هن مهل تائين ڪو به ڪامورو نه پهتو آهي، نه ئي ڪئنال جي کاڄي ويل ڪنارن ۾ مٽي وڌي ٿي وڃي، ڪئنال ۾ پاڻي وڌڻ سبب گهارا پوڻ جو خطرو آهي، اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪئنال جي ڪپرن کي مضبوط ڪري رهيا آهيون. مظاهرين اپيل ڪئي ته ڏھن آرڊين جو ڪم ايمرجنسي بنياد تي ڪرايو وڃي ته جيئن اسان جا ڳوٺ وڏي تباهي کان بچي سگهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close