سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. روهڙي جي علائقي گول علي واهڻ ڏلهو جي حفاظتي ڀت جي سوراخن مان پاڻي ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. روزانو جي بنياد تي وڌندڙ پاڻي ڳوٺ جي اهم رستن ۽ گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي. ٻوڏ جو پاڻي ڳوٺ ۽ گهرن ۾ داخل ٿيڻ سان علائقي واسين ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي. متاثرن درياهه ۾ پاڻي جي سطح وڌيڪ بلند ٿيڻ يا ٻوڏ واري صورتحال خطرناڪ ٿيڻ جي خوف کان گهر خالي ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڍور ڍڳن کي به مٿانهين هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڳوٺ جي مين رستي تي ٻوڏ جو پاڻي جمع ٿيڻ سان علائقي واسين کي اچ وڃ لاءِ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. ڳوٺاڻن الزام هنيو آهي ته ڳوٺ کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ٺاھيل حفاظتي ڀت اڻ تجربيڪار ٺيڪيدار ۽ ناقص منصوبا بندي تحت ٺاهي وئي، جنهن ڪري نه رڳو حڪومت جا ڪروڙين رپيا ٻڏي ويا آهن پر هلندڙ ٻوڏ جو پاڻي ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ سان رهواسي خوف ۽ حراس جو شڪار آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close