صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو چيو آهي ته جيتري برسات پئي آهي، ان جي پاڻيءَ کي روڪڻ آبپاشي کاتي جي وس جي ڳالھه ناهي. اسان وٽ مختلف هنڌن تي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ يا نيڪال ڪرڻ لاءِ 4 هزار ڪيوسڪ جا انتظام آهن، جڏھن ته جيڪا برسات پئي آهي، ماڻھن پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ جيڪي ڪٽ هنيا آهن، اهي ملائي 12000 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو گذر ٿئي پيو، جيڪو 4 هزار وارا ڪينال ڪيئن برداشت ڪندا، نتيجي ۾ اهي به ٽٽي پيا آهن، جنهنڪري وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. هن اهڙو اظهار سڪرنڊ ڀرسان سنڌو درياهه تي مڏ منگلي وٽ ٻوڏ جو جائزو وٺڻ وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته نصرت ڪينال 4 هزار پاڻي ڪڍي رهيو هو ته آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن جي ڪٽ واري پاڻي ڪينال کي اوور فلو ڪري ڇڏيو، جنهن سبب پاڻ به نه بچي سگهيا، رهندو ٻين کي به نقصان ٿيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close