سنڌ

ڀٽ شاهه ۾ برسات متاثرن جي سهائتا نه ڪرڻ خلاف سوين ماڻهن جو ڌرڻو

ڀٽ شاهه: مٽياري ضلعي انتظاميا طرفان ڀٽ شاھه ۾ برسات متاثرن جي سهائتا نہ ڪرڻ خلاف پير آف ڀٽ ساهه سيد گدا حسين لطيفي جي اڳواڻي ۾ سوين شھرين، متاثر مرد عورتن معصوم ٻارڙن سميت ريلي ڪڍي اسسٽنٽ ڪمشنر هائوس ۽ روينيو آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جتي هنن ڊي سي مٽياري ۽ اي سي هالا خلاف سخت نعريبازي ڪئي، مظاهرين جي ڌرڻي سبب شھر طرف ايندڙ روڊ ٻن ڪلاڪن تائين بند رهيو جنهن ڪري مسافرن کي سخت ڏکيائي پيش آئي. ان موقعي تي مظاھري ۽ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ پير آف ڀٽ شاھه سيد گداحسين لطيفي، سيد فداحسين شاهه، سيد جراڙ لطيفي، ايڊوڪيٽ آصف راجپوت، منير کوسو، محمد يونس سومرو، ڪريم ڏنو وساڻ ۽ ٻين چيو ته ڀٽ شاھه ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آھي سوين شھرين جا گهر ڪري تباھه ٿي ويا آھن، متاثر روڊ رستن تي کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن، ضلعي انتظاميا انهن جي ڪا بہ مدد ڪرڻ لا تيار نہ آھي ان کان علاوه سرڪاري ڪئمپن ۾ ترسايل متاثرن کي کاڌو، پيئڻ جو پاڻي ۽ دوائون فراهم نہ ٿيون ڪيون وڃن سندن ٻچڙا بک وگهي بي حال آھن، متاثرن لا مليل ٽينٽ، مڇردانيون، ٿانو ۽ راشن ڪامورا سياسي نمائندا کائي ويا آھن، شھر جي مک دنبوره چوڪ، پير محلا، ٻگهيا محلا، هنرمند ڪالوني، فقيرڪالوني، جراڙ شاھه، شيخ محلو ۽ ٻين جاين تي 20 ڏينهن کان برساتي پاڻي جمع ٿيل آھي جنهن کي هن وقت تائين نيڪال نہ ڪيو ويو آھي انتظاميا طرفان متاثرين لاء مليل امدادي سامان من پسند ماڻھن ۾ ورهايو ويو آھي جنهن سبب اصل حقدارن تائين امدادي سامان نہ پهچي سگهيو آھي ٽائون ڪميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ جو عملو شھر مان غائب آھي پاڻي نيڪال جو ڪم سياسي اڻ تجربيڪار ماڻھن حوالي ڪيو ويو آھي جيڪي پاڻي نيڪال ڪرڻ بدران هٿ سان برساتي پاڻي ۾ شھر کي ٻوڙي رهيا آھن. هنن مطالبو ڪيو آھي تہ ڀٽ شاھه ۾ تمام برسات متاثرن کي ٻن وقتن جو کاڌو، پيئڻ جو پاڻي پابندي سان رسايو وڃي، جن ماڻھن جا گهر ڪريل آھن انهن جي خصوصي مالي امداد ڪئي وڃي ۽ شھر جي تمام علائقن مان برسات جو بيٺل پاڻي فوري طور ڪڍرائي شھر جو ڪاروبار ۽ رستا بحال ڪرايا وڃن ٻئي صورت ۾ قومي شاهرا تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button