سنڌ

سنڌ جي فصلن کي 355 ارب رپين جو نقصان ٿيندو:منظور وساڻ

زراعت بابت صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آھي ته تازو برساتن سبب سنڌ جي فصلن کي 355 ارب رپين جو نقصان ٿيندو، سنڌ ۾ 14 لک 67 هزار ايڪڙ ڪپهه ۽ هڪ لک 1379 ايڪڙ کجي جو فصل تباهه ٿي ويو آهي. منظور وساڻ پنھنجي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ وڌيڪ چيو آھي ته صوبي ۾ اٽڪل هڪ ملين ايڪڙ چانورن جي فصل کي نقصان پهتو آهي، سنڌ ۾ برساتن سبب تر، ڀاڄيون، ٽماٽا، مرچ ۽ ٻيا فصل به تباهه ٿي ويا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ڪڻڪ پوکڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي سگھن ٿيون. زراعت بابت صلاحڪار چيو ته سنڌ ۾ زرعي زمينن ۾ ڪيترائي فوٽ پاڻي بيٺل آهي، ٻن مهينن ۾ ماڻھو ڪڻڪ جو فصل ڪيئن پوکي سگهندا، مون پنهنجي 50 سالن جي زندگيءَ ۾ اهڙو نظارو سنڌ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو آھي، رڳو خدا ئي هن آفت تي ضابطو آڻي سگهي ٿو، پر سنڌ حڪومت به پوري ڪوشش ڪري رهي آهي. منظور وساڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، متاثرن ۾ 4 هزار خيما، ترپال، راشن جا ٿيلها ۽ ڪيش رقم ورهائي آھي، فصلن کي بچائڻ لاءِ به ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته جيئن فصلن مان پاڻي ڪڍي سگهجي، مهانگائي سبب عوام روڊن تي آهي، عوام سان گڏ آهيون، کين اڪيلو نه ڇڏينداسين، مان پنهنجي طرفان عوام کي ڪڻڪ ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪري رهيو آهيان ۽ اڳتي به ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button