سنڌ

ڀان جهڙا واقعا روڪڻ لا قدم کنيا وڃن:بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن جي ٻيڙي جي حادثي جي نتيجي ۾ قيمتي جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لڏپلاڻ ڪندڙ ٻوڏ متاثرن کي پيش آيل حادثي جي خبر ٻڌي صدمو پهتو آهي، متاثر گهراڻن جي ڏک ۾برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي ته سنڌ جو وڏو وزير فوري ريسڪيو آپريشن لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي. هن چيو ته ٻوڏ دوران پنهنجن پيارن کي وڃائي ويهڻ جو ڏک هميشه رهندو. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون انهن سانحن جي پورائي لاءِ قدم کڻي رهيون آهن، سنڌ حڪومت ٻوڏ دوران پنهنجن پيارن کي وڃائي ويهندڙ گهراڻن لاءِ مالي مدد ڪري، ٻيهر اهڙي قسم جي حادثن کي روڪيو وڃي، عوام انتظاميا سان تعاون ڪري، پارٽي جا مقامي عهديدار ۽ ڪارڪن به ريسڪيو آپريشن ۾ انتظاميا سان تعاون ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button