سنڌ

سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي خلاف سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو

سپلا، گسٽا، پ ٽ الف، سپسا سميت سرڪاري ملازمن جي مختلف سرڪاري ملازمن جي پگھارن مان زبردستي ڪٽوتي خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سنڌ اسيمبلي طرف مارچ ڪيو، 15 سيپثمبر تائين پگھارون ريفنڊ ڪرڻ جو ليٽر جاري نہ صورت ۾ ٻيھر مظاھري ۽ وزير اعليٰ ھائوس مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. تفصيل موجب سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچرارز ايسوسيئيشن (سپلا) جي مرڪزي صدر پروفيسر منور عباس، سيڪريٽري جنرل پروفيسر شاھجھان پنھور، گسٽا سنڌ جي مرڪزي صدر اشرف خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري اقبال احمد پنھور، پ ٽ الف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غازي خان جمالي، سينئر اڳواڻ انتظار ڇلگري، سنڌ پروفيسرز سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ايسوسي ايشن جي اڳواڻن، ايپڪا ڄام ساقي گروپ جي اڳواڻن، تنظيم اساتذہ پاڪستان وارن سنڌ حڪومت طرفان سنڌ رليف فنڊ جي نالي تي سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏواحتجاجي مظاھري ڪيو ويو، مظاھرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چتاءٌ ڏنو ته جيڪڏهن زبردستي ڪٽوتي وارو فيصلو 15 سيپٽمبر تائين واپس نه ورتو ويو ته احتجاجي مظاھري سان گڏ وزير اعليٰ ھائوس طرف گڏيل مارچ ڪيو ويندو. ملازمن پريس ڪلب تي مظاھري بعد سنڌ اسيمبلي ڏانھن مارچ ڪيو جتي ڌرڻو پڻ ھنيو ويو. جتي سپلا جي پريس ترجمان موجب سعيد احمد ابڙو موجب اڳواڻن سنڌ حڪومت کي 15 سيپٽمبر تائين وقت ڏيندي ڪٽوتي وارو ليٽر واپس ڪرڻ ۽ ڪٽيل پگھارون واپس ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو تہ وزير اعليٰ ھائوس طرف مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. جڏھن تہ سپلا پاران سڀاڻي پٽيشن داخل ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آھن. مختلف تنظيمن جي اڳواڻن چيو آھي تہ سنڌ رليف فنڊ جي نالي تي سرڪاري ملازمن جي زبردستي ڪٽوتي قانوني ۽ اخلاقي حوالي سان بہ صحيح ناھي. اڳواڻن موجب اسان کي برسات ۽ ٻوڏ متاثرين سان دلي ھمدردي ۽ ڏک آھي پر ھن آفت جي گھڙي ۾ لکين سرڪاري ملازم پڻ متاثر ٿيا آھن، ٻيو ته بيجا ٽيڪسن، ڳرن يوٽيلٽي بلن ۽ مھانگائي پھرين ئي سرڪاري ملازمن کي پريشان ڪيو آھي، مٿان سنڌ حڪومت بغير راضپي جي زبردستي سرڪاري ملازمن جي پگھارن مان ڪٽوتي ڪري سندن پريشاني کي ويتر وڌائي ڇڏيو آھي. ان کان علاوه اڳواڻن سنڌ حڪومت کان پڻ مطالبو ڪيو آھي سرڪاري ملازمن جي پگھارن مان زبردستي ڪٽوتي وارو ليٽر في الفور واپس ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button