سنڌ

ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ جوهي تي دٻا برقرار،سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ،لکين ماڻهو دربدر

ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه ۽ جوهي تي پاڻي جو دٻا برقرار آهي. دادو ۾ هزارين خاندان کليل آسمان هيٺ بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا. سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه مان 70 سيڪڙو ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري ويا. ان ڏس ۾ گڏ ڪيل تفصيل موجب دادو ضلع جي پاڻي کي منڇر کان سنڌو درياهه ۾ رستو نه ملڻ ڪري ضلعي جي ٽن تعلقن ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ جوهي تي پاڻي جو دٻا برقرار آهي. پاڻي وڌي وڃڻ ڪري جوهي تعلقي جو ضلعي هيڊڪوارٽر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. جوهي کان دادو ايندڙ روڊ ٽي سي ايف اسڪول کان پاڻي اوور ٽاپ ٿيو، جڏهن ته جوهي کان ڀان ويندڙ روڊ تي پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ لڳو، کير موري کان به ٻوڏ جو پاڻي اوور ٽاپ ٿي ويو آهي، ٽئي روڊ هڪ ئي وقت بلاڪ ٿيڻ سبب جوهي شهر جو ضلعي هيڊڪواٽر دادو سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. واهي پانڌي، گورک، ڪاڇي ۽ جوهي شهر ۾ هزارين خاندان ڦاٿل آهن، ميهڙ شهر ڏانهن پاڻي تيزي سان وڌي رهيو آهي، ھڪ طرف قاضي عارف تائين ٻوڏ جو پاڻي پهچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button