سنڌ

سن ڀرسان بچا بند ڪمزور هجڻ ڪري ڳوٺ وڏا ڇڇر کي خطرو

سن ڀرسان ڀرسان ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ بچا بند ڪمزور ۽ درياهه ۾ پاڻي جي چاڙهه سبب خطرو وڌي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن ايس ٽي پي تعلقي اڳواڻ منٺار ڇڇر، ڪريم بخش ڇڇر، محمد عثمان ڇڇر. گلاب ڇڇر ۽ رسول بخش ڇڇر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 10 ھزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ڳوٺ وڏا ڇڇر جو بچا بند ڪمزور آهي، جنهن ڪري ڳوٺ ۾ خطري واري صورت آهي. ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت بند کي مٽي جا ڪٽا وغيره ڏئي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آهي. ايريگيشن آفيسرن کي بار بار چوڻ کانپو اڻ مڪمل مشينري ملي آهي. اڃان وڌيڪ مشينري جي ضرورت آهي ته جيئن جلد کان جلد بچا بند مضبوط ڪري سگهجي. ڳوٺ کي بچائي سگهجي. سڄي ڳوٺ جا ماڻهو بند کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل آهن. ھنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ وڏا ڇڇر جو بچا بند مضبوط ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button