قمبر ويجهو ڳوٺ ڦال ۾ ڪجهه وقت اڳ زوردار برساتن ۾ پورهيت محمد رمضان مگسي جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ورهين جي ڪومل مگسي 2 ورهين عليزه مگسي ۽ ٻارڙن جي امڙ 28 ورهين جي زبيده مگسي دٻجي فوت ٿي ويون هيون. فوتڻ جي پيءُ پورهيت محمد رمضان مگسي پريس ڪلب دانهيندي چيو آهي ته غريب پورهيت آهيان. مون سان تمام وڏو حادثو پيش آيو پر مون وٽ ڪو انتظاميا جو عملدار يا چونڊيل نمائندو هن ڏک جي گهڙي ۾ پڇڻ به نه آيو. منهنجي جان، مال، گهر سميت زمين جو فصل ۽ چوپايو مال به برسات ۾ ختم ٿي ويو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي فوري طور تي واهر ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close