ڊکڻ ويجهو ڳوٺ گل حسن شر ۽ ڳوٺ فتح محمد شر مڪمل پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، برسات ۾ ڳوٺاڻن جا گهر تباهه ٿي ويا، متاثر ماڻهو سر بچائي کليل آسمان هيٺان بي يارو مددگار ويٺل آهن. برسات متاثر ماڻهو ۽ معصوم ٻارڙا بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا. ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن معصوم ٻارڙن ۽ عورتن دانهيندي چيو ته ڳوٺ تباهه ٿي ويا، ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، روڊ رستا پاڻي هيٺ آيل آهن، هنن چيو ته سالن کان پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا ٿا اچون، جيڪي هن ڏکئي وقت ۾ اسان کان حال پڇڻ به ناهن آيا. هنن چيو ته کائڻ لاءِ راشن ناهي، معصوم ٻارڙا ۽ پيرسن بکون ڪاٽي رهيا آهن، هنن چيو ته نٽهڻ اس ۾ کليل آسمان هيٺان ويٺا آهيون، چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي اختيارين اسان جي ڪنهن به قسم جي واهر ناهي ڪئي. هنن سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي واهر ڪري انساني جانيون بچايون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close