سنڌ

سنڌ ۾ ماڻهو تبديل ٿي رهيا آهن: ذوالفقار ڀٽو جونيئر

پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني اڳواڻ ذوالفقارعلي ڀٽو جي پوٽي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته سنڌ ۾ ماڻهو تبديل ٿي رهيا آهن۔ ذوالفقارعلي ڀٽو جونيئر پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ ۾ وڏيرا سسٽم تي تنقيد ڪندي چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته پاڪستان ۾ڪرپشن، سياسي بدانتظامي آهي. هن چيو ته مان پنهنجي فئملي تي ذاتي حيثيت ۾ تنقيد نٿو ڪرڻ چاهيان پر هي سياست جي ڳالهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته تعليم واري وزارت جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اعليٰ تعليم لاءِ رشوت ڏيڻي پوي ٿي، ماڻهن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به رشوت ڏيڻي پئجي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button