سنڌ

مدئجي واسڻ پرڻو ڪري ڇڏيو، وارثن پاران اغوا ڪيس داخل

مدئجي ويجهو ڳوٺ چنا جوڻيجا جي رهواسڻ نوجوان ناري سائرا جي پي محمود چنو مدئجي ٿاڻي تي پهچي پنهنجي ڌي جي اغوا جو ڪيس پنهنجي ڳوٺ جي نوجوان آصف پٽ اميربخش جوڻيجو خلاف داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته جوابدار ساٿين سميت منهنجي ڌي کي اغوا ڪري ويو آهي، مدئجي پوليس جوابدار جي گهر تي چڙهائي ڪري تلاشي ورتي، جنهن دوران پوليس جوڻيجا برادري جي گهرن ۾ بيٺل ڍور ڪاهي وئي. هوڏانهن مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري سائرا چنو خيرپور جي عدالت ۾ نوجوان آصف جوڻيجو سان عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو، جنهن بعد پريمي جوڙي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته اسان پنهنجي مرضي موجب شادي ڪئي آهي، ناري جا وارث جان جا ويري بڻجي ويا آهن، اسان کي جان جو خطرو آهي تحفظ ڏئي مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button