سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ جي ڊي سي پاران ميونسپل اسٽيڊيم ۾ ٽينٽ سٽي قائم

لاڙڪاڻي ۾ فلاحي اداري جي ڊي سي فائونڊيشن پاران ٻوڏ ۽ برسات سٽيل متاثرن لاءِ شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي آهي، جتي ڪراچي مان ٽرڪن جي ذريعي سوين ٽينٽ اسٽيڊيم ۾ لڳائي اتي متاثرن کي ترسائڻ جو عمل جاري آهي. ان حوالي سان جي ڊي سي فائونڊيشن جي رضاڪارن ٻڌايو ته سنڌ واسين مٿان هي ڏکيو وقت آهي، جنهن ۾ نه صرف سرندي وارا پر عام ماڻهو به اڳتي اچن ته جيئن وڌ کان وڌ متاثرن جي واهر ڪري سگهجي. هنن چيو ته جي ڊي سي فائونڊيشن پاران لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن سان واسطو رکندڙ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ ميونسپل اسٽيڊيم ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي آهي، جتي متاثرن کي ترسائڻ سان گڏ کين مفت ٽن ويلن جي ماني به ڏني ويندي ۽ انهن لاءِ واش روم پڻ ٺاهيا پيا وڃن، جنهن ۾ ضلعي انتظاميا اسان جي فائونڊيشن سان ڀرپور سهڪار ڪيو آهي ان لاءِ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جا ٿورائتا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button