سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نوڪري بهاني ورتل رقم واپس نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي نيو بس اسٽينڊ ڀرسان نور ڪالوني جي رهواسي نوجوان شيخ زيد چلڊرين اسپتال جي اي ايم ايس پاران مبينا طور نوڪري بهاني ورتل رقم واپس نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان لياقت علي چانڊيو دانهيندي الزام لڳايو ته 8 مهينا اڳ شيخ زيد چلڊرين اسپتال جي اي ايم ايس ڊاڪٽر حسن چانڊيو نوڪري وٺي ڏيڻ بهاني 5 لک گهريا هئا، جيڪي پئسا مان قرض کڻي ڏنا، پر تنهن باوجود هن نوڪري وٺي نه ڏني، پئسا واپس گهرڻ تي ڊاڪٽر حسن چانڊيو عهدي جو ناجائز استعمال ڪندي خانگي سيڪيورٽي گارڊ واري نوڪري تان فارغ ڪرائي ڇڏيو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اي ايم ايس ڊاڪٽر حسن چانڊيو خلاف ڪارروائي ڪري رقم ڏياري انصاف ڪيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي اي ايم ايس ڊاڪٽر حسن چانڊيو چيو ته لياقت چانڊيو جا الزام بي بنياد آهن، هي ڏوهاري مائٽن کي اسپتال گهرائي چوريون ڪرائيندو هو، ڪجهه وقت اڳ لياقت اسپتال مان اي سي چوري ڪرائي رهيو هو، کيس ساٿين سميت پڪڙيو ويو، اهڙي شڪايت اسان سيڪيورٽي ڪمپني سان ڪئي، جنهن بعد ڪمپني هن کي نوڪري تان فارغ ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هو من گهڙت الزام لڳائي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button