سنڌ

”بيمار والده جو علاج ڪرايو“ لاڙڪاڻي واسي نوجوان جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي سميع آباد پاڙي جي رهواسي پورهيت نوجوان ڳچيءَ ۾ سُڪل ماني ٻڌي پنهنجي بيمار پيرسن امڙ سان گڏجي علاج ۾ مدد ۽ مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت وقار ميراڻي پنهنجي پيرسن ما شمشاد خاتون سان گڏجي دانهيو ته برساتن دوران گهر ڊهي پٽ ٿي ويو، جنهن ڪري کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهيون. هن چيو ته منهنجي ما دل ۽ شگر جي مريض آهي، جنهن کي ٽي ڀيرا اٽيڪ به ٿيو آهي جيڪا هن وقت انتهائي بيمار آهي، سندس علاج لاءِ مون وٽ ڪجھه ناهي بچيو. هن چيو ته انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي درخواستون ڏنيون پر ڪنهن منهنجي مدد ناهي ڪئي. هن بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد علي شاهه، فريال ٽالپر سميت انتظاميا کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي منهنجي ما جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ سان گڏ مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن گهر ٻيهر تعمير ڪرائي سگهان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button