سنڌ

ڏوڪري ۾ پورهيت جا هٿ پير ٻڌي مڇون ۽ ڀرون ڪوڙي تذليل

ڏوڪري ۾ گل پٽن جي معامليتان بااثر ماڻهن پورهيت جي تذليل ڪندي مڇون ۽ ڀرون ڪوڙي زنجيرن ۽ رسن سان هٿ پير ٻڌي روڊ ۽ رستن تي گهلڻ بعد گهر اڳيان اڇلائي ويا. بااثر گاڏهي برادري جي ماڻهن فارم ڪالوني جي رهواسي پورهيت قربان چانڊيو کي تذليل جو نشانو بڻائي تشدد ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو. زخمي پورهيت جي مائٽ قاري هدايت الله ميراڻي ٻڌايو ته قربان چانڊيو پنهنجي گھر اندر بيٺل گلن مان گُل پٽڻ لاءِ آيل گاڏهي برادري جي ٻار کي روڪيو ته گاڏهي برادري جي بااثر لياقت علي، نبي بخش، نادر علي، امير بخش، منظور علي، جنيد احمد، خادم حسين، صابر علي، راحب علي، حسين بخش، محمد رمضان، محمد بخش ۽ ٻين پورهيت تي حملو ڪري ڀِرون ۽ مُڇون ڪوڙڻ بعد زنجيرن ۽ رسن سان هٿ پير ٻڌي ڪهاڙين، لٺين ۽ سروٽن جا وار ڪري رتورت ڪرڻ بعد شديد سخت زخمي ڪري روڊ رستن تي گهيليندا رهيا ۽ گهر ٻاهران روڊ تي اڇلائي فرار ٿي ويا. هن چيو ته زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته واقعي جو ڏوڪري ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ملڻ بعد جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو. هن چيو ته پوليس صرف هڪ جوابدار گرفتار ڪيو آهي، ٻين کي گرفتار نٿي ڪري. ڏوڪري پوليس ٻڌايو ته پورهيت تي تشدد ڪندڙ خلاف اين سي داخل ڪري بااثر جوابدار لياقت گاڏهي کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڇاپا هنيا پيا وڃن، سرٽيفڪيٽ ملڻ بعد جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button