سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ برسات دوران 39 ڄڻا فوت ۽ 7194 زخمي ٿيا

لاڙڪاڻي جي انتظاميا برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور ضلعي ۾ برساتن سبب ٿيل تباهه ڪارين بابت رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ برساتن دوران مختلف واقعن ۽ گھر ڪرڻ سبب 39 ماڻهو فوت ٿيا آهن، 2 لک 26 هزار 980 گهر تباهه ٿي ويا آهن، 12 لک 17 هزار 428 ماڻهو ۽ هڪ لک 81 هزار 583 خاندان متاثر ٿيا آهن. جن مان 10 لک 71 هزار 333 ماڻهو بي گھر آهن. جڏهن ته هڪ لک 46 هزار 95 ماڻهو رليف ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. لاڙڪاڻي تعلقي ۾ 3 عورتن ۽ 2 ٻارن سميت 10، رتيديري تعلقي ۾ 13 مرد، ڏوڪري تعلقي ۾ 4 عورتن ۽ ٻار سميت 8 ۽ باقراڻي تعلقي ۾ 2 عورتن ۽ 3 ٻارن سوڌو 8 ماڻهو فوت ٿيا. اهڙي طرح ضلعي اندر ٽوٽل 9 عورتن ۽ 6 ٻارن سميت 39 ماڻهو فوت ٿيا. مختلف هنڌن تي 7194 ماڻهو زخمي ٿي پيا. لاڙڪاڻي تعلقي ۾ 807 عورتن ۽ 1131 ٻارن سميت 2903، رتيديري تعلقي ۾ 387 عورتن ۽ 781 ٻارن سميت 1685، ڏوڪري تعلقي ۾ 387 عورتن ۽ 662 ٻارن سميت 1518 ماڻهو ۽ باقراڻي تعلقي ۾ 319 عورتن ۽ 453 ٻارن سميت 1088 ماڻهو زخمي ٿيا. ضلعي اندر ٽوٽل 2 لک 26 هزار 980 گھر تباهه ٿيا آهن. لاڙڪاڻي تعلقي ۾ 63261 گھر جزوي، 29453 گھر مڪمل تباهه ٿيا. ٽوٽل 92714 گھرن کي نقصان پهتو. رتيديري تعلقي ۾ 34509 گھر جزوي ۽ 22063 گھر مڪمل تباهه ٿيا. اهڙي طرح ڪل 56572 گھرن کي نقصان پهتو. ڏوڪري تعلقي ۾ 39165 گھرن کي نقصان پهتو، جن مان 23422 گھرن کي جزوي نقصان ٿيو، 15743 گھر مڪمل طور تباهه ٿي ويا. باقراڻي تعلقي ۾ 23278 گھرن کي جزوي نقصان رسيو، 15251 گھر مڪمل تباهه ٿيا. اهڙي طرح 38529 گھر متاثر ٿيا. ٽوٽل 226980 متاثر ٿيل گھرن مان 82510 مڪمل تباهه ٿي ويا ۽ 144470 گھرن کي جزوي نقصان پهتو. لاڙڪاڻي تعلقي جي ڪل 588168 آبادي ۽ 74171 خاندان متاثر ٿيا. رتيديري تعلقي ۾ 265933 ماڻهو ۽ 45257 خاندان متاثر ٿيا، ڏوڪري تعلقي ۾ 179967 ماڻهو ۽ 31332 خاندان متاثر ٿيا. جڏهن ته باقراڻي تعلقي ۾ 183360 ماڻهو ۽ 30823 خاندان متاثر ٿيا. جاري ڪيل انگن اکرن موجب لاڙڪاڻي تعلقي ۾ 198197 عورتن ۽ 149987 ٻارن سميت 535667 ماڻهو بي گھر ٿيا آهن. رتيديري تعلقي ۾ 71351 عورتن ۽ 53995 ٻارن سميت 192840 ماڻهو بي گھر ٿيا. ڏوڪري تعلقي ۾ 67387 عورتن ۽ 50995 ٻارن سميت 182126 ماڻهو بي گھر ٿيا آهن. جڏهن ته باقراڻي تعلقي ۾ ڪل 160700 بي گھر ٿيا آهن، جن ۾ 56245 مرد 59459 عورتون ۽ 44996 ٻار شامل آهن. اهڙي طرح ڪل 374966 مرد، 396394 عورتون ۽ 299973 ٻار بي گھر ٿيا، جن جو ڪل انگ 1071333 ٿئي ٿو. ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي پڌرائي مطابق لاڙڪاڻي تعلقي ۾ 17645 مردن، 23526 عورتن ۽ 29408 ٻارن سميت ڪل 70579 ماڻهو رليف ڪئمپن ۾ ترسيل آهن، رتيديري تعلقي ۾ 7978 مرد، 10637 عورتون ۽ 13296 ٻارن سميت 31911 ماڻهو ڪئمپن ۾ آهن. ڏوڪري تعلقي ۾ 5399 مردن، 7198 عورتن ۽ 8999 ٻارن سميت 21596 ماڻهو ڪئمپن ۾ آهن. باقراڻي تعلقي ۾ 5501 مرد، 7334 عورتن ۽ 9174 ٻارن سميت 22009 ماڻهو ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. اهڙي طرح لاڙڪاڻي ضلعي اندر ڪل 36523 مرد، 48695 عورتون ۽ 60877 ٻار ڪئمپن ۾ آهن، جيڪو ٽوٽل انگ 146095 ٿئي ٿو. برساتن دوران چوپايو مال پڻ متاثر ٿيو. لاڙڪاڻي تعلقي ۾ 194 ڍور، رتيديري تعلقي ۾ 298، ڏوڪري تعلقي ۾ 402 ۽ باقراڻي تعلقي ۾ 367 ڍور مري ويا آهن. اهڙي طرح 317 ڳئون، مينهون، اٺ، 944 ٻڪريون، رڍون مري ويون آهن. اهڙي طرح ڪل 1261 ڍور مري ويا. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي اندر فصلن کي به 100 سيڪڙو نقصان پهتو آهي. لاڙڪاڻي تعلقي اندر 53218 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيو، رتيديري تعلقي ۾ 44662 ايڪڙ، ڏوڪري تعلقي ۾ 29189 ايڪڙ ۽ باقراڻي تعلقي 30254 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. لاڙڪاڻي تعلقي جون 33، رتيديري جون 12، ڏوڪري جون 11 ۽ باقراڻي جون 12 يوسيز متاثر ٿيون، جن مان اڃا ڪنهن کي به آفت سٽيل قرار نه ڏنو ويو آهي. اڃا تائين ڪو چيڪ نه مليو ۽ نه ئي ڪو چيڪ ورهايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button