صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته رليف ڪيمپن ۾ روزانو 70 هزار مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جولائي کان هاڻي تائين 8 لک کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي، ڪيمپن ۾ 16 هزار کان وڌيڪ مليريا جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ڊائريا، ساهه جو مسئلو ۽ چمڙي جي بيمارين جي شڪايتون وڌيڪ آهن ان ڦهلجندڙ بيمارين جون دوائون وافر مقدار ۾ موجود آهن، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪيمپ ۾ ڊاڪٽرن جو تعداد وڌايون، ڪرونا جي ڊاڪٽرن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي، هر ضلعي ۾ 32 موبائل ۽ ميڊيڪل ڪيمپ ڪم ڪري رهيون آهن. ان ڳالهه جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ سان صوبي کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي، تيار فصلون تباهه ٿي ويون آهن، پوري سنڌ ۾ 1200 کان وڌيڪ صحت مرڪز پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، اسان جو انفرااسٽرڪچر مڪمل تباهه ٿي چڪو آهي، ايري گيشن جو نظام تباهه ٿي چڪو آهي، اسان جي ڪميونيڪيشن جون سهولتون ختم ٿي چڪيون آهن، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو وقت آهي. هن چيو ته اسان هر ضلعي ۾ موبائل يونٽس ۽ ميڊيڪل ڪيمپس لڳايون آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته ڪيمپ ۾ موجود ڳورهارين عورتن کي اسپتالن تائين پهچايون. رليف جي ڪمن کي شفاف طريقي سان مانيـٽر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جتي آمد ۽ رفت پڻ مشڪل سان هجي ته اتي مانيٽرنگ جو عمل پڻ ٿورو مشڪل ٿيندو آهي، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽرن ۽ طبي عملو موڪلڻ تي پنجاب حڪومت جو شڪريه ادا ڪيو، هن چيو ته يونيسيف طرفان دوائون موڪليون ويون آهن، جيڪي سڄي پاڪستان لاءِ آهن، پر انهن جو وڏو تعداد سنڌ جي لاءِ هوندو، سڀاڻي کان انهن دوائن جي سپلائي پڻ شروع ٿي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ تمام گهڻو آهي پر هن وقت تائين ڪا به فوتگي جي رپورٽ سامهون ناهي آئي، ڊينگي جا 2 هزار ڪيس سامهون آيا آهن، جن ۾ اڪثريت گهرن جي مريضن جي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر وزير کي هڪ ضلعو مقرر ڪيو ويو آهي، مان به پنهنجي ضلعي جو دورو ڪيو آهي، منهنجو ڪم هدايتون ڏيڻ آهي پر مان مڃان ٿي ته فيلڊ ۾ ناهيان ۽ هر جڳهه تي نٿي وڃي سگهان، سنڌ جي صحت واري وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ آيل بيمار آءِ ڊي پيز کي اسپتال پهچايو پيو وڃي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان جون ايمبولينسز هر مريض کي اسپتال تائين پهچائين ۽ غيرسرڪاري اين جي اوز جي ايمبولينسز پڻ فيلڊ ۾ آهن پر جيتريون آهن اهي به گهٽ آهن. هن چيو ته خبر ناهي ڪيتري وقت تائين پاڻي بيٺل آهي، ان ئي پاڻي مان نوان لاروا پيدا ٿي رهيا آهن. مڇر پکڙجي رهيا آهن، ان ڪري اسان کي روزانو فوگنگ ڪرڻي پوندي آهي، هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته نانگ جي ڪکڻ جا 112 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اينٽي اسنيڪ ويڪسين موجود آهي، اسان چاهيون ٿا ته عالمي ادارا هن ڏکئي وقت ۾ اسان جي مدد ڪن. ماڻهن کي چيو آهي ته تباهه ٿيل ادارا اسان کان واپس وٺن ۽ انهن کي ٻيهر ٺاهي ڏين
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close