چوٽياري ڊيم جي ڀرپاسي ڳوٺاڻن برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ رليف نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. سانگھڙ پريس ڪلب اڳيان چوٽياري ڊيم جي ڀرپاسي ٽن يونين ڪائونسل جکڙائو شاهه، سڪندر آباد، گجري جي مختلف علائقن ۾ چوٽياري ڊيم جي سم ۽ ٻوڏ متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته اسان جا علائقا مڪمل ختم ٿي ويا آھن، ضلعي انتظاميا پاران ھڪ ماڻھو به نه آيو آھي جنھن ڪا سروي ڪئي ھجي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ھجي، ڪن متاثر ماڻھن بي گھر ماڻهن کي ڪو راشن يا تنبو ڏنو ھجي، اسان کي رڳو علائقي مان پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي ته اسان پاڻڀرا ٿي وينداسين. ان موقعي تي بچل فقير ورياماڻي، علي غلام جوڻيجو، علي حسن نظاماڻي، جبار جوڻيجو، حاجي ناظر حسين نظاماڻي، طلعت محمود جٽ ۽ ٻين چيو ته اسان پنج ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي ويٺا آھيون اسان سان ضلعي انتظاميا ڳالھائڻ لا تيار نه آھي. ھنن چيو ته ڌرڻي ۾ سڀ اھي ماڻھو موجود آھيون جن سانگھڙ شھر سميت ڪيترن ئي ڳوٺن کي رات ڏينھن بچايو آھي. اسان کي ڪو راشن نٿو گھرجي، اسان کي فقط پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي. ھنن چيو ته آبپاشي عملدار اسان جي مکي جي تباھي جا ذميوار آھن، ھو اسان جي علائقي مان پاڻي نيڪال ڪندڙ پمپنگ اسٽيشنن کي نٿا هلائين، جنھن ڪري اسان تباھه ٿي ويا آھيون. ھنن ڊپٽي ڪمشنر، پي ڊي چوٽياري ڊيم ۽ ٻين عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close