سنڌ

رليف ڪيمپن ۾ 591950 متاثرن کي منتقل ڪيو آهي: شرجيل ميمڻ

سنڌ حڪومت صوبي ۾ 20 آگسٽ کان اڄ تائين ٻوڏ سبب ٿيل نقصان ۽ ريسڪيو بابت سروي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ رپورٽ جا تفصيل بيان ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امداد لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪرڻ اولين ترجيح آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين صوبي جي متاثر ضلعن ۾ متاثرن لاءِ 2031 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن وقت تائين 591950 متاثرن کي انهن امدادي ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين کاڌو، پاڻي، دوائون ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 296، شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 577، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 68، سکر ڊويزن ۾ 568، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 481 ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ 41 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته متاثرن ۾ اڄ تائين 140610 خيما، 923255 مڇر دانيون، 4293 فولڊنگ بسترا ۽ 1350 چلها به ورهايا ويا آهن. هن وقت تائين برساتن سبب 583 ڄڻا فوت، جڏهن ته 21885 زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سڄي صوبي ۾ برساتن دوران 101901 ڍور پڻ مري ويا آهن. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته برساتن سبب 1681380 گهرن کي نقصان پهتو آهي. جڏهن ته 4426431 ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿي ويا آهن، هن چيو ته برساتن سبب 235 تعلقا ۽ 1051 يونين ڪائونسلون به متاثر ٿيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button