سنڌ

سکر ۽ دادو ۾ ملڪيتون بچائڻ لا ڪٽ لڳايا ويا:مرتضيٰ وهاب

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب انڪشاف ڪيو آهي ته خبر آهي ته سکر ۾ پنهنجي ملڪيت بچائڻ لاءِ ڪنهن ڪٽ هڻايو آهي، ڊي سي دادو کي گهرائي ڪنهن چيو ته هي اسان جا 3 گهر بچائڻا آهن، نالا ٻڌائيندس ته توهين عدالت لڳي ويندي. ميڊيا رپورٽن موجب سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عدالتن جو ڪم تڪرار حل ڪرڻ آهي، ماڻهو هن وقت پريشان آهن. هن وڌيڪ چيو ته فيلڊ تي ويندڙ آفيسرز ۽ ملازمن کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ به تفصيل ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button