سنڌ

دادو، سيوهڻ ۽ پنگريو کي بچائڻ لا بند مضبوط ڪرڻ جو فيصلو

صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گڏيل طور تي فيصلا ڪيا ويا ته امدادي سامان جي خريداري لاءِ وفاقي حڪومت سان سهڪار ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙيو ويندو ته جيئن هڪ مناسب ميڪنزم ذريعي سامان جي ورڇ سان گڏ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل اهم ڪمن جهڙوڪه روڊ رستن کي بحال ڪري سگهجي. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، صوبائي وزير مڪيش چاولا، صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ رسول بخش چانڊيو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ اختر نواز، ڪوآرڊينيٽر نيشنل فلڊ ريسپانس سينٽر ميجر جنرل ظفر ۽ لاڳاپيل صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم شهباز شريف 3 ڀيرا سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري چڪو آهي ۽ عوام کي 10 لک خيما، 30 لک مڇرداڻيون ۽ راشن بيگ جلد فراهم ڪيا ويندا. هن هڪ ٻيو مسئلو اٿاريو، جيڪو مرڪزي شاهراهن نيشنل هاءِ وي ۽ انڊس هاءِ وي جي مرمت جو هو ته جيئن ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻائي سگهجي. هن اين ڊي ايم اي کان مطالبو ڪيو ته امدادي سامان ۾ جانورن لاءِ گاهه به شامل ڪيو وڃي ته جيئن متاثر ماڻهن جي جانورن کي گاهه فراهم ڪري سگهجي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي وڏي وزير چيو ته 155059 خيما جن ۾ اين ڊي ايم اي پاران 10853، يو اين ايڇ سي آر پاران 900، ڊولمن گروپ پاران 100، آزاد ڪشمير پاران 250 ۽ خوراڪ کاتي پاران 500 خيما متاثر ضلعن ۾ موڪليا / ورهايا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت 460500 آرڊر ڪيا آهن، جن مان 61465 ملي چڪا آهن ۽ 399035 پائپ لائن ۾ آهن. ترپال بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت وٽ 165187 ترپال موجود آهن، جن مان 8497 اين ڊي ايم اي، 2500 يو اين سي ايچ آر ۽ 100 خوراڪ کاتي پاران فراهم ڪيا ويا، جيڪي ورهائجي چڪا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت 335000 ترپالن جو آرڊر ڏنو آهي، جن مان رڳو 85190 مليون آهن، جڏهن ته 249810 اڃا تائين پهچائڻيون آهن. مراد علي شاهه چيو ته 13 لک مڇردانيون ورهايون ويون آهن، جنهن مان 9730 اين ڊي ايم اي، 600000 اين آئي ايڇ ۽ 600000 ٻين ڏنيون آهن. هن چيو ته 435000 مڇرداڻين جي خريداري آرڊر مان 36920 ڊليور ڪيا ويا آهن ۽ 398080 پائيپ لائين ۾ آهن. وڏي وزير راشن جي ٿيلهن بابت تفصيل ڏيندي چيو ته هن وقت تائين 152745 بيگز موجود آهن، جن ۾ اين ڊي ايم اي جا 7500، يو ايس سي جا 57225 ۽ ٻيا 15000 آهن. اسان راشن جا 805000 ٿيلها آرڊر ڪيا آهن ۽ هيستائين 72225 ٿيلها ملي چڪا آهن، جڏهن ته 737775 پائپ لائن ۾ آهن. رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پي ڊي ايم اي پاران امدادي سامان جي خريداري جو عمل هلندڙ آهي، صوبائي حڪومت کي فراهم ڪيو ويندو. چيئرمين اين ڊي ايم اي امدادي سامان جي ڊيٽا شيئر ڪئي، جيڪي سندس خريد ڪري رهيا آهن. ڪور 5 جي برگيڊيئر اجلاس کي ٻڌايو ته هنن برسات متاثرن جي مدد لاءِ 3641 فوجي اهلڪار مقرر ڪيا آهن. ڪور 5 قمبر- شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن مان ماڻهن کي بچائڻ لاءِ فائول هيليڪاپٽر استعمال ڪيو. پاڪ فوج 64 امدادي ڪيمپون ۽ 9 ميڊيڪل ڪيمپون ۽ 147 ٻيڙيون ڏنيون آهن ۽ متاثرن ۾ امدادي سامان پڻ ورهايو ويو آهي. انجنيئرنگ ڪور جي برگيڊيئر نيئر اجلاس کي ٻڌايو ته 15 سيپٽمبر کانپوءِ برسات جو امڪان آهي، جنهن سان ايل بي او ڊي متاثر ٿي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت گڊو بئراج وٽ 210860 ۽ سکر بئراج وٽ 302476 تي هيٺئين سطح جي ٻوڏ آهي ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ اپ اسٽريم 604127 ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم 583882 ڪيوسڪ آهي. جيڪو وڏي ٻوڏ کي منهن ڏئي رهيو آهي. رپورٽ موجب سنڌو درياهه جي اولهه ۾ قمبر شهدادڪوٽ کان خيرپورناٿن شاهه تائين جو علائقو پاڻي هيٺ آهي، هڪ ٻوڏ جو پاڻي اتر کان ڏکڻ ڏانهن وهي رهيو آهي. آر بي او ڊي ۽ انڊس لنڪ بند دادو ۽ سيوهڻ جي حفاظت ڪري رهيا آهن. منڇر ڍنڍ ۽ آر بي او ڊي ۾ گهاري لڳڻ سبب ايندڙ ٽن چئن ڏينهن ۾ هڪ ٻي ڍنڍ جو منظر پيش اچي سگهي ٿو. ايندڙ 6 ڏينهن ۾ صوبي جا سمورا بئراج هيٺين سطح جي ٻوڏ ۽ نارمل وهڪري تي اچي ويندا. منڇر جي سطح RL 122 تي آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته دادو ۽ سيوهڻ کي بچائڻ لاءِ انڊس لنڪ/آر بي او ڊي کي بچاءُ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اجلاس ۾ سياسي قيادت دادو ۽ سيوهڻ کي بچائڻ لاءِ آر بي او ڊي ۽ انڊس لنڪ بند کي مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. دادو مورو پل تي روڊ ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جو ڪم ڪيو ويندو. پنگريو ٽائون جي چوڌاري ڪئنال جي بندن ۽ ايل بي او ڊي کي مضبوط ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. وڏي وزير آبپاشي ماهرن ۽ انجنيئرنگ ڪور جي صلاح سان ڍورو پراڻ جي پاڻي جي فراهمي کي ريگيولر ڪرڻ ۽ ان جو پاڻي اسپائنل ڊرين ايل بي او ڊي ۾ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. آرمي انجنيئرنگ ڪور اجلاس کي ٻڌايو ته خيرپور ۾ پاڻي جي نيڪال جو ڪم سول انتظاميا جي سهڪار سان شروع ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ضلعي انتظاميا، آبپاشي، زراعت، لوڪل گورنمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ڳوٺن، شهرن ۽ زرعي زمينن مان برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ضروري انتظام ڪن ته جيئن ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي شروع ڪري سگهن. وڏي وزير چيو ته مون وٽ ربيع جي مند ۾ دير سان ڪڻڪ پوکڻ لاءِ زمين تيار ڪرڻ جو منصوبو آهي. اجلاس جي آخر ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ٻوڏ متاثرن جي امدادي سامان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ پوءِ بحالي واري ڪم لاءِ هڪ صوبائي ٽاسڪ فورس جو وفاقي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ کي نوٽيفائي ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته ٽاسڪ فورس جو نوٽيفڪيشن خميس تائين جاري ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button