جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي امير سراج الحق چيو آهي ته سنڌ حڪمرانن جي غفلت ۽ نااهلي جي ڪري ٻڏي ويو آهي، خيرات نه بلڪه پنهنجو حق نه ڏنو ويو ته عوام حڪمرانن جي گهرن ۽ بنگلن جو گهيراءُ ڪندو، 20 ڏينهن اڳ مُراد علي شاه پاران سنڌ ۾ ايمرجنسي جو اعلان ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ ڪٿي به هنگامي اُپاءُ ڪونه ورتا ويا، هر طرف پاڻي ئي پاڻي ۽ متاثر بنا سهاري روڊن تي پيل آهن، ڪي اين شاهه، ميهڙ، جهڏو سميت سنڌ جا ڪيترائي شهر ٻڏي ويا ۽ مقامي بااثر ماڻهو پنهنجون زمينون ۽ گهر بچائڻ لاءِ ڪٿي ڪٽ لڳائي ۽ ڪٿي وري پاڻي جو رستو روڪي سنڌ جي وڌيڪ شهرن کي ٻوڙڻ جون تياريون ڪن پيا، سنڌ حڪومت هڪ ناڪام حڪومت آهي، جڏهن پنجاب ۾ اٽو سستو آهي ته پوءِ سنڌ ۾ ڇو مهانگو آهي؟ ظالم حڪمران آءِ ايم ايف جي غلامي بدران عوام لاءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ مهانگائي جي جن کي بوتل ۾ بند ڪري عوام جي دردن جو درمان ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جهڏو، ٽنڊو جان محمد، ڊگهڙي، گجري ۽ سانگهڙ ۾ برسات متاثر علائقن جي دوري، الخدمت پاران متاثرن لاءِ ٿيندڙ رليف سرگرمين جي جائزي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. سراج الحق مطالبو ڪيو ته متاثرن جي امداد جي ورهاست کي شفاف بڻائڻ لاءِ هر تعلقي سطح تي ڪميٽون جوڙي سول سوسائٽي، صحافين، وڪيلن، عالم سڳورن ۽ بزرگ شهرين کي شامل ڪيو وڃي، آزمائش جي هن گهڙي ۾ پوري قوم کي توبهه ۽ استغفار ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي مرڪزي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، سنڌ جو امير محمد حسين محنتي، سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا سميت ٻيا ضلعي ۽ مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close