ڪچي پل شھر ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران زخمي ٿيل نوجوان ڳوٺ محمد حسن کوسي واسي 21 ورهين جو شعيب کوسو لاڙڪاڻي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن ڪچي پل شھر ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ لوڊر رڪشي ۽ موٽرسائڪل ۾ معمولي ٽڪر واري معاملي تان ٿيل جهيڙي ۾ ڳوٺ محمد حسن کوسي واسي 21 ورهين جو نوجوان شعيب پٽ اصغر علي کوسو لاڙڪاڻي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. وارثن لاش کڻائي سول اسپتال شھدادڪوٽ آندو جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول شعيب کوسي جي پي اصغر کوسي ٻڌايو منهنجو پٽ ڪچي پل ۾ پڪوڙن جي اڏي تي مزدوري ڪندو هو، جنهن مٿان درمحمد کوسو، شبير کوسو ڌر جي ماڻھن لٺيون ۽ سرون ساڻ ڪري حملو ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر لٺيون ۽ سروٽا هڻي نوجوان پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، جهيڙي دوران 6 ڄڻا زخمي ٿيا، جيڪي لاڙڪاڻي اسپتال ۾ علاج هيٺ آھن. مقتول جو لاش پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي پوليس انتظاميا ٻڌايو ته حملو ڪندڙ ڌر جي 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، مقتول جي وارثن جي سڃاڻپ ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو. هوڏانهن درمحمد کوسي جي ڌر جو هڪ ڄڻو رفيق احمد کوسو زخمي هجڻ ڪري لاڙڪاڻي اسپتال ۾ علاج هيٺ ٻڌايو پيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close