سنڌ

ڏوڪري ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڏوڪري جي شاهه لطيف ڪالوني، کوکر محلي، بٺ شاخ سميت برساتي ٻوڏ سبب متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو, ان ڏس ۾ متاثرن سڌير نوناري، فنڪار محمد علي شيخ، مجيد نوناري، غلام حسين، محبوب علي، وحيد علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برسات سبب اسان جا گهر ڊهي پيا آهن پر هن مهل تائين اسان جي واهر نه ٿي سگهي آهي، اسان بي يارو مددگار بڻيل آهيون، هنن چيو ته چونڊيل نمائندا ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر من پسند ماڻهن کي راشن ڏيئي رهيو آهي، اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن پر اسان وٽ ڪو انتظامي عملدار اڃا تائين نه پهتو ۽ نه ئي ڪنهن واهر ڪئي. هنن اختيارين کان واهر جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button