سنڌ

ميرپور ٻرڙي ۾ برسات متاثر ڳوٺاڻن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ميرپور ٻرڙو ويجهو برسات متاثر ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت پڪي طرف منتقل ٿين پيا، ڳوٺ شاهنواز نوناري، رئيس ڪرم لاشاري سميت مختلف ڳوٺن جي متاثر واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي علي نواز نوناري، ربنواز نوناري، داد محمد نوناري، محمد صلاح نندواڻي، الهببخش نوناري، محمد خان نندواڻي، بابل ڊول، مقبول نندواڻي، شمن نوناري، وحيد خان نوناري، اويس نوناري جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي ڏينهن کان برساتي پاڻي انتظاميا نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي. متاثرن انتظاميا سميت تڪ جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ٻاهران پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي ۽ راشن ٽينٽ ۽ خيما مهيا ڪيا وڃن. ٻئي طرف ميرپور ٻرڙو جي لال ڀٽي اسٽاپ تي برسات متاثرن جو ٺل جيڪب آباد روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٻنھي طرفن گاڏين جو قطارون لڳي ويون. احتجاج ڪندڙ خان بنگلاڻي، حافظ نور محمد، عبدالوهاب، محمد ابراهيم، غلام شبير ٻرڙو، شمشاد ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو، جنھن ۾ مظاھرين ڊي سي جيڪب آباد مختيار ڪار ٺل ۽ ٻين کان خيما ۽ راشن ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button