سنڌ

قمبر واسي متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف ايم پي اي جي گهر اڳيان احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ تعلقي قمبر ۽ ميرو خان جي مختلف ڳوٺن سان واسطو رکندڙ برسات متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف لاڙڪاڻي پهچي تڪ جي ايم پي اي گهنور اسراڻ جي رهائشگاهه ٻاهران ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن عبدالرزاق چانڊيو، نياز چانڊيو، مير مزن چانڊيو، غلام عباس چانڊيو، علي گل مگسي، الهرکيو ڀنگر، محسن شيخ، گلبهار شيخ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برساتن سبب قمبر شهدادڪوٽ جي تعلقي قمبر ۾ ميرو خان جي يوسي لشڪري چانڊيو ۽ يوسي ڀنڀو چانڊيو جي ڳوٺ لشڪري چانڊيو، قاضي خان چانڊيو، جنجهه شريف، دريا خان چانڊيو، مندو چانڊيو، دوست محمد چانڊيو، لهريجا، شاھو شيخ، فيروز ڀٽي، مهي مڪول، چاچڙ سميت ٻيا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ۽ سوين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، برساتن ڪري اسان جو سمورو فصل تباهه ٿي ويو ۽ اسان ٻارڙن سميت کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون پر هن وقت تائين ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي ۽ ايم پي اي گهنور اسراڻ سميت انتظاميه جو ڪو آفيسر لڙي ناهي آيو ۽ نه هن وقت تائين راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏنو ويو آهي، جنهن ڪري اسان جا ٻارڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته اسان جي ووٽ تي ڪاميابي ماڻي ايم پي اي گهنور خان اسراڻ ۽ ايم اين آفتاب شعبان ميراڻي پنهنجي گهرن ۾ آرام سان ستل آهن پر اسان جا بکيا ۽ اڃايل ٻچا کليل آسمان هيٺان امداد جي آسري ويٺل آهن پر ڪير به سار سنڀال لهڻ ناهي آيو. هنن بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد علي شاهه سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته واهر ڪري راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button