سنڌ

سجاول جوڻيجو تعلقي ۾ برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

سجاول جُوڻيجو تعلقي ۾ برسات متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا. سجاول جوڻيجو ۾ ڳڙھي خيرو ـ لاڙڪاڻو روڊ تي چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا خلاف متاثر ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ٻئي طرف رتوديرو ـ شھدادڪوٽ نيشنل ها وي تي ويٺل ٻوڏ متاثرن واھر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ متاثرن صدر ڪلھوڙو، آصف ڀٽو، ديدار ساريو، حبدار چانڊيو، اميد علي بوزدار، فيصل ڀٽو، عابد شيخ ۽ ٻين دانھيندي چيو آهي ته برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻي اسان جي شھرن اندر تباھي آڻي ڇڏي آهي، گهر ۽ فصل ٻڏي تباهه ٿي ويا آهن، روڊن رستن تي کليل آسمان ھيٺان پيٽ بکايل بي يارو مددگار ويٺل آھيون، سڀ ڪجهه ٻڏي تباهه ٿي ويو آهي، رڳو جانيون بچائي ٻاھر نڪتا آهيون. تڪ جو ايم پي اي گنھور اسراڻ سميت ٻيا چونڊيل نمائندا گم ٿي ويا آهن انتظاميا جي عملدارن سار نه لڌي آهي. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فوري طور تي ٽينٽ ۽ راشن ڏئي واھر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button