سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ هڪ هٿ کان معذور پيرسن جو مالي سهائتا لائي احتجاج

لاڙڪاڻي جي حسيني محلا واسي هڪ هٿ کان معذور پيرسن مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن فضل محمد رند دانهيو ته تازو برساتن سبب گهر ڪِري پيو جنهن ڪري گهر ڀاتين سميت کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهيان، يوسي ۾ اڪثر من پسند ماڻهن کي راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏنو پيو وڃي پر ان لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڊي سي آفيس ۽ يوسي جي چيئرمين ڏانهن پنڌ ڪري ٿڪجي چڪو آهيان پر هن وقت تائين ڪنهن به واهر ناهي ڪئيو جنهن ڪري گهر ڀاتين سميت سخت پريشان آهيان. هن بلاول ڀٽو، وڏي وزير سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته راشن، ٽينٽ ۽ سامان ڏئي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button