سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ گونگن ۽ ٻوڙن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ برسات متاثر گونگن ۽ ٻوڙن واهر نه ٿيڻ خلاف ڪالهه ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي گونگن ۽ ٻوڙن فياض احمد کهڙو، طالب علي بڙدي، صدام حسين جمالي، زاهد کٽياڻ، نواز علي ميمڻ ۽ ٻين جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته تازو برساتن سبب لاڙڪاڻي ۾ 500 کان وڌيڪ گونگن ۽ ٻوڙن جا گهر ڪري پيا جنهن ڪري بيروزگاري سان گڏ سمورا گهر ڀاتي کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هنن چيو ته اڳ اسان درزڪو ۽ پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندا هئاسين پر هاڻي ڪجهه ناهي بچيو، اسان جا گهر ڀاتي بکون ڪاٽي رهيا آهن پر چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي انتظاميا من پسند ماڻهن کي راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏئي اسان کي نظرانداز ڪيو آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏيئي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button