سنڌ

ورڪشاپ واسي پورهيت جهمپير ويجهو ڪوئلي جي کاڻ ۾ دٻجي فوت

ورڪشاپ ويجهو واڊڪي ڳوٺ مرحوم قلندربخش شر جو رھواسي خان محمد شر جمھپير ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪرڻ دوران ڀڪ ڪرڻ سبب خان محمد شر دٻجي فوت ٿي ويو. خان محمد شر مزدوري سانگي جھمپير ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندو هو. گذريل ڏينهن صبح جو خان محمد شر جي شفٽ لڳي ته ھو کاڻ جي سرنگهه اندر ويو ته اوچتو سرنگهه ڌماڪو ڏيئي ڦاٽي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ 27 ورهين جو خان محمد شر ولد مرحوم قلندر بخش شر کاڻ ۾ دٻجي فوت ٿي ويو. پورهيت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. مڙهه کي آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو.
ورڪشاپ واسي پورهيت فوت

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button