سنڌ

جيڪب آباد ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

جيڪب آباد ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڳوٺ نوازو جاگير واسي ڳوٺاڻن غلام سرور جمالي، غوث بخش جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته اسان جا ٻچا بک بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، اسان جي سارسنڀال لهڻ وارو ڪو به ناهي. هنن ڊي سي کان مطالبو ڪيو ته راشن ۽ ٽينٽ ڏنو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻئي طرف معذور ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سڏ تي معذورن ويل چيئر تي چڙهي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. معذورن دانهيندي چيو ته برسات سبب گهر کان بي گهر ٿي ويا آهيون، ضلعي انتظاميا واهر نه ڪئي آهي. مجبور ٿي ڪري احتجاج ڪري رهيا آهيون هنن مطالبو ڪيو ته واهر ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button