سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا جي شاگردن جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا پاران احتجاج ڪندڙ شاگردن مٿان ايف آ آر داخل ڪري شاگردن جي گرفتاري خلاف اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر عرفان ڦلپوٽو، ڊاڪٽر طارق، ڊاڪٽر سعيد احمد، مرڪ منان چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ هاسٽل مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ بجلي فراهم نه ڪرڻ خلاف وي سي سيڪريٽريٽ آڏو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائي مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. ان تي يونيورسٽي انتظاميا شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران انهن مٿان ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي ڪالهه صبح 7 وڳي هاسٽل تي ڇاپو هڻائي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن اويس ڏاهاڻي، وقار کوسو، عمر آرائين، ڊاڪٽر ابراهيم سومرو، ڊاڪٽر تنوير کوسو ۽ ڊاڪٽر نسيم لاشاري کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، جن جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو ۽ نه ئي انهن جي گرفتاري ظاهر ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو پيو وڃي. شاگردن جي زندگين کي خطرو آهي. اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته شاگردن جي گرفتاري ظاهر ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button