سنڌ

سکر بئراج مان هڪ ٻيو لاش هٿ، ٻن مهينن ۾ 33 لاش مليا

سکر بئراج مان هڪ ٻيو لاش هٿ آيو آهي، جنهن بعد گذريل ٻن مهينن دوران بئراج مان ملندڙ لاشن جو انگ وڌي 33 ٿي ويو آهي. سکر بئراج انتظاميا موجب اڄ مسلسل ٻئي ڏينهن به هڪ اڻڄاتل شخص جو لاش مليو آهي، جنهن بعد ٻن مهينن اندر پاڻي مان هٿ آيل لاشن جو تعداد 33 ٿي ويو آهي. انتظاميا جو چوڻ آهي ته اڃا تائين بئراج مان مليل لاشن مان 9 عورتن جا لاش شامل آهن، جڏهن ته اڃا تائين ڪنهن به لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button