تعليم کاتي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب هلندڙ سال سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا 50 سيڪڙو گهٽ هوندي. تعليم کاتي جي اختيارين موجب سنڌ ۾ آيل ٻوڏ سبب 5 هزار 619 اسڪولن کي مڪمل طور تباهه ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 12 هزار اسڪولن کي شديد نقصان پهتو آهي، ان کان علاوه اڍائي هزار کان وڌيڪ اسڪولن ۾ رليف ڪئمپون قائم ڪري 65 هزار کان وڌيڪ متاثر ڪٽنبن کي رهايو ويو آهي، ان سلسلي ۾ تعليم واري وزير فوري طور تي خيما اسڪول قائم ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي سمورن متاثر علائقن ۾ فوري طور تي خيما اسڪول قائم ڪرڻ جي شروعات ڪئي پئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close