سنڌ

سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن کي ننڌڻڪو ڇڏڻ خلاف ايس يو پي جا ڪيترن ئي شهرن ۾ مظاهرا

سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي ۽ متاثرن جي سهائتا نه ڪرڻ خلاف ايس يو پي طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن ڪراچي پريس ڪلب آڏو مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. حيدرآباد، دادو، ميرپورخاص، شھدادڪوٽ، نوشھروفيروز، بدين، ڄامشورو، ڪوٽڙي، سيوھڻ، ڀان سيدآباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، ٺل، سانگھڙ، مٺي، سڪرنڊ، قاضي احمد، دوڙ، لاڙڪاڻو ۽ عمرڪوٽ سميت سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شھرن ۾ پڻ احتجاج ڪري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اڳواڻي ۾ پهتل وفد کان اپيل ڪئي وئي ته سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي سھائتا لاءِ امداد سنڌ حڪومت بدران سٺي ساک رکندڙ ادارن، انٽرنيشنل اين جي اوز ذريعي حقيقي متاثرن تائين پھچائي وڃي، اڳواڻن چيو ته گڏيل قومن ۽ ٻاھرين ملڪن جا ڏنل فنڊ سنڌ حڪومت حوالي نه ڪيا وڃن، سٺي ساک رکندڙ انٽرنيشنل اين جي اوز ۽ تعميراتي ڪمپنين معرفت رليف ۽ بحالي جا ڪم ڪرايا وڃن. ايس يو پي صدر سيد زين شاھه چيو ته ايس يو پي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوترس آڏو سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي سھائتا سان گڏوگڏ اهي مطالبا رکي ٿي ته گڏيل قومون ٻوڏ متاثرن جو امدادي سامان سنڌ حڪومت حوالي نه ڪن، اهو سامان گڏيل قومن جي تنظيمن ذريعي ورهايو وڃي، ڇاڪاڻ ته امدادي سامان نااهل ۽ ڪرپٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو ته اصل حقدارن کي نه ملي سگهندو، جڏهن ته سنڌ ۾ رليف وارو ڪم سٺي ساک رکندڙ عالمي اين جي اوز کي ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جو سبب بدديانت حڪمرانن جي ڪرپشن آھي، جيڪڏهن گذريل 15 سالن کان سنڌ جي عوام جو پئسو آپباشي کاتي سميت مختلف ادارن تي ايمانداري سان خرچ ٿئي ها ته سنڌ اڄ هن ڏکي صورتحال ۾ نه هجي ها. سنڌ کي قدرتي آفت نه پر پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ حڪمرانن ھٿ وٺي ٻوڙيو آهي، مختلف ادارن کان فنڊ ڪرپٽ حڪمرانن کي مليا ته وڌيڪ ڪرپشن ڪندا ۽ حقيقي متاثرن تائين امداد پھچي نه سگهندي، اڌ کان وڌيڪ سنڌ تباھه ٿي وئي آھي، جنهن جي بين الاقوامي ڪمپنين ذريعي نئين سر تعمير ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت اڃا تائين ٻوڏ متاثرن جي رھائش جو بندوبست نه ڪري سگھي آھي، بک وگھي انساني جانيون ضايع ٿي رھيون آھن، سنڌ سرڪار نااھلي جو اعتراف ڪندي استعيفا ڏئي، نه ته ان کي ھٽائي سٺي ساک رکندڙ ماڻھن تي مشتمل نئين حڪومت جوڙي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button