ڪراچي ۾ سپاري وٺي ٽارگيٽيڊ سيريل ڪلنگ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڊسٽرڪٽ سينٽرل پوليس ٽارگيٽيڊ ڪلر جاويد لنگڙا کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ ايس ايس پي سينٽرل معروف عثمان ماتحت آفيسرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ڪراچي ۾ سپاري وٺي ٽارگيٽڊ سيريل ڪلنگ جو انڪشاف ڪيو. هن ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ سينترل پوليس جاويد لنگڙا کي ٽيڪنيڪل ذريعن ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان گرفتار ڪيو آهي. منظم ٽولي ڪراچي ۾ ٽن ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو. پوليس مطابق ڪراچي جي علائقي رضويه ۾ جڏهن پوليس قاتل تائين پهتي ته ٻه وڌيڪ قتل جا پيرا ملي ويا. گرفتار ٽارگيٽ ڪلر جاچ دوران انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته سندس گروپ ارشد عرف مامون لاءِ ڪم ڪري ٿو. ايس ايس پي سينٽرل مطابق ٽارگيٽ ڪلر 4 جون 2022 تي رضويه ۾ ابراهيم شيخ کي قتل ڪيو، هي ٽارگيٽ ڪلنگ ارشد مامون سان گڏ ٽن ساٿين جي مدد سان ڪئي وئي هئي جوابدار مطابق ارشد مامون ابراهيم کان پئسا ورتا هئا، قتل جي سلسلي جو هي ٽيون واقعو هو، سڀ کان پهريان جمشيد عالم کي پريدي اليڪٽرانڪ مارڪيٽ ۾قتل ڪيو ويو. جاويد لنگهڙا ٻڌايو ته هن ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ موٽر سائيڪل تي ان سان گڏ بهادر عرف فيصل هو، قتل جي هن واقعي ۾ بهادر گرفتار ٿيو ته جمشيد عالم جي ڊرائيور ان جي سڃاڻپ ڪئي ۽ شاهدي ڏني. جاويد لنگڙا انڪشاف ڪيو ته شاهدي ۽ سڃاڻپ ڪندڙ ڊرائيور کي بهادر جيل ۾ ويهي مارايو. ياد رهي ته جمشيد عالم جي ڊرائيور مرتصيٰ کي بفرزون ۾ قتل ڪيو ويو هو. ان قتل جو پلان ڪندڙ ٽولي جا مک ارشد مامون ۽ بهادر عرف فيصل هئا. جاويد لنگڙا ٻڌايو ته هر قتل جي عيوض پئسا ورتا ويندا هئا. پوليس مطابق ٽارگيٽ ڪلنگ جا سبب ۽ مقصد ڇا هئا، هي ارشد عرف مامون جي گرفتاري کان پوءِ پتو پئجي سگهي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close