لاڙڪاڻي ويجهو مختلف ڳوٺن ۾ شهر جي سم نالي جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف متاثر ڳوٺاڻن طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن منٺار ککراڻي، احمد علي ککراڻي، علي بخش نوحاڻي، محمد علي ککراڻي، الهه وڌايو لاشاري، عابد چوهاڻ، نديم لاشاري ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي جو سمورو برساتي ۽ نالين جو پاڻي سم نالي ذريعي درگاهه مشوري شريف وٽ قائم پمپنگ اسٽيشن وٽ گڏ ٿيندو آهي، جتان موٽرن ذريعي پاڻي کي رائيس ڪئنال ۾ نيڪال ڪيو ويندو آهي پر برسات بند ٿيڻ کانپوءِ پمپنگ اسٽيشن جي 12 موٽرن مان هن وقت صرف 4 موٽر ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي ڪڏهن هلن ٿا ۽ ڪڏهن پمپنگ اسٽيشن جو عملو بجلي نه هجڻ يا ڊيزل نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي موٽر نٿا هلائين جنهن سبب پمپنگ اسٽيشن ۾ گڏ ٿيل پاڻي اسان جي ڳوٺن ڪرم علي ککراڻي، سوڀو نوحاڻي، ميگهراج، تاج محمد چانڊيو، يار محمد لاشاري سميت آسپاس ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جتي اسان جا گهر توڙي فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ هر طرف تباهي ٿي وئي آهي. اسان روڊ جي ٻنهي پاسن کان عارضي رهائش اختيار ڪري کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون پر پاڻي نيڪال لاءِ ضلعي ۽ باقراڻي تعلقي انتظاميا سميت پمپنگ اسٽيشن جي عملي کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون پر ڪو اسان جي دانهن ٻڌڻ وارو ناهي تنهن ڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون. اسان جي وس وارن اختيارين کي اپيل آهي ته نوٽيس وٺي سم نالي جو پاڻي نيڪال ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close