قمبر ويجهو ڳوٺ ڪمال خان چانڊيو جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي بااثر وڏيري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي علي رضا چانڊيو، عبدالله چانڊيو، غلام سرور چانڊيو، زونڙ خاتون، منور خاتون ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته نوابزاده ملڪ چانڊيو، منور علي چانڊيو، سرائي مشتاق، گڊو چانڊيو اسان جي زرعي زمين ھڪ سئو 8 جريب تي زوري هٿيارن جي زور تي قبضو ڪري اسان کي مارڪٽ ڪئي. هو بااثر آهن اسان جي زندگين کي خطرو آهي، اسان کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار بااثر وڏيرا ھوندا. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي شرپسند خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close