سنڌ

ڳڙهي حسن جي صحافي جو گهر ڊهي پيو، ڪنهن به واهر نه ڪئي

ڳڙھي حسن جي صحافي جو گهر ڊهي پيو. ڳڙهي حسن ويجهو ڳوٺ عبدالڪريم ڪٽوهر ۾ صحافي جانب علي ڪٽوهر جو برساتي ٻوڏ ۾ ڪچو گهر ڊھي مڪمل پٽ ٿي ويو، جنهن کي اڄ 25 ڏينهن گذرڻ باوجود به داد رسي ناهي ٿي ۽ سندس معصوم ٻارڙا کلي آسمان هيٺان ويٺل آهن. ان سلسلي ۾ صحافي جانب علي ڪٽوهر احتجاج ڪندي چيو ته برسات سبب گهر مڪمل ڊهي ويو آهي، 6 ايڪڙن تي بيٺل فصل به لڙهي ويو، هاڻي بي يارو مددگار ويٺل آهيان. انتظاميا آڏو دانهون ڪيون پر ڪا داد رسي ناهي ٿي. سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا نوٽيس وٺي فوري طور تي واهر ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button