بخشاپور شهر ۽ ڀرپاسي مختلف ڳوٺن ۾ برساتن جي تباهڪارين بعد متاثرن جي ڪنهن به سار نه لڌي. جنهن ڪري برسات متاثر ماڻهو بنا ڇت بنا ڪنهن راشن ۽ ٽينٽ جي کليل آسمان ھيٺان بي يارو مددگار ويٺل آهن، جڏهن ته برسات متاثرن سڪندر گولاٽو، جلال ڇڄڻ، امير الدين لاشاري ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته برسات جي تباھي سبب گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آهن جنهن ڪري بي گھر ٿي وچ روڊ تي بي يارو مددگار ويٺا آهيون. ھنن چيو ته سنڌ سرڪار اربين رپين جي امداد برسات متاثرن ۾ ورهائڻ جي دعوى پئي ڪري پر ان جي دعوى جي ابتڙ اسان جي ضلعي ڪشمور جو ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي بنگلي تي آرام پيو ڪري. ھنن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر بخشاپور شھر جو دورو ڪرڻ به مناسب نٿو سمجهي، جيڪو ھن مھل تائين برسات متاثرن وٽ لڙي به نه آيو. جڏهن ته ھن تڪ جا چونڊيل نمائندا به گم آهن. ھنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه کان برسات سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close