بخشاپور ويجهو انڊس ها وي تي هزارين مڻ ڪڻڪ سان ڀريل ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو. ٽرالر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ انڊس ها وي ٻنھي طرفن کان بند ٿي ويو. جنهن ڪري گاڏين جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون آهن. بخشاپور ۽ بڊاڻي ۾ خوراڪ کاتي جي نااھلي سبب ھزارين مڻ ڪڻڪ رات جي اونداھي اسمگلنگ ٿيڻ لڳي، جنهن جو واضح ثبوت بخشاپور انڊس ها وي تي ڪڻڪ سان ڀريل ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو، ٽرالر ڪلٽي ٿيڻ بعد ھزارين مڻ ڪڻڪ روڊ تي ھارجي وئي. اھڙي اطلاع بعد بخشاپور جا صحافي واقعي واري ھنڌ پھچي ضلعي انتظاميا ڪشمور کي ڪڻڪ اسمگلنگ ٿيڻ بابت اطلاع ڏنو. اھڙو اطلاع ملڻ باوجود ڊي سي ڪشمور، اي ڊي سي ۽ مختيارڪار ڪشمور ڪابه ڪارروائي نه ڪئي. خوراڪ کاتو سنڌ پنهنجو ھدف پورو ڪرڻ ۽ ناڪامي جا گيت ڳائيندو رھي ٿو. ھن وقت پوري سنڌ ۾ ڪڻڪ جي شديد کوٽ لڳي پئي آهي. ضلعي ڪشمور مان ھزارين مڻ ڪڻڪ رات جي اونداھي ۾ پنجاب اسمگلنگ ٿي رھي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close