سنڌ

سنڌ جي اسڪولن ۾ خيما ڪئمپن اندر عارضي ويم گهر قائم ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت اسڪولن اندر ٺهيل خيما ڪئمپن ۾ عارضي ويم گهر (ميٽرنٽي هوم) قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن رليف ڪئمپن ۽ خيمن ۾ موجود 2 لک کان وڌيڪ ڳورهاري عورتن کي ٻار جي پيدائش وقت سهولتون فراهم ڪري سگهجن. رپورٽ موجب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪئمپن اندر وڏي تعداد ۾ موجود ڳورهاري عورتن کي ڊليوري ۽ ٻار جي پيدائش بعد صحت جي سهولتن جي سخت ضرورت آهي. مليل انگن اکرن مطابق بدين جي ڪئمپن ۾ 42 هزار 744 ڳورهاري عورتون، گهوٽڪي ۾ 48 هزار 906، نوشهري فيروز ۾ 30 هزار ۽ سانگهڙ ۾ 41 هزار کان وڌيڪ عورتون جلد ما بڻجڻ واريون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button