سنڌ

سنڌ ۾ بنيادي ڍانچي سميت سڀ ڪجهه تباهه، بحالي لا 16 ارب ڊالر گهرجن: وڏو وزير

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻوڏ جي تباهي ڏسڻ لا پهتل گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي سنڌ ۾ ٿيل نقصانن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته سنڌ جو بنيادي ڍانچو، زراعت، فصل، چوپايو مال، آبپاشي نظام سڀ ڪجهه تباهه ٿي چڪو آهي، هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، تباهي بعد ٻيهر پيرن تي بيهارڻ لاءِ سنڌ کي 16 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. سکر ۾ انتونيو گوتريس کي ڏنل بريفنگ دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اُسريل ملڪن جي ڏوهن جي سزا اسان کي ملي آهي، اسان ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ماڻهن کي گهر، مالوندن کي چوپايو مال ۽ آبادگارن کي پوکيءَ لاءِ معاوضا ڏيڻ چاهيون ٿا، عالمي برادري کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ توهان پنهنجو ڪردار ادا ڪريو. وڏي وزير تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي وارو پاڻي منڇر ڍنڍ جي ذريعي نيڪال ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته کاٻي پاسي وارن شهرن ۾ موجود پاڻي ڍورن ۽ سم نالن ۾ ڇوڙ ڪري واپس درياهه ذريعي نيڪال ڪنداسين، خيرپور جي اوڀرندي حصي، نوابشاهه، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص جو پاڻي بدين جي رستي درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو، پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ان کانسواءِ ٻيو ڪو به دڳ ناهي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ٻن مهينن اندر 70 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪري فصلن جي پوکي ڪرائڻ چاهيون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button