سنڌ

ميهڙ ۾ راشن ۽ ٽينٽ ورهائڻ دوران بدنظمي،ايس ايڇ او زخمي

ميهڙ ۾ ٻوڏ متاثرن ۽ شهرين ۾ راشن ۽ ٽينٽ ورهائڻ دوران بدنظمي پيدا ٿي وئي، 4 ٽرڪن کي زبردستي خالي ڪيو ويو. پوليس لٺبازي ڪئي ته متاثرين ۽ شھرين پٿرا ڪري ايس ايڇ او اي سيڪشن سيد اصغر علي شاهه کي رتورت ڪري سندس پرائيويٽ ڪار جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. متاثرين ۽ شھرين پاران پوليس سان وقفي وقفي سان جهڙپن کانپو ميهڙ تعلقي جي 6 ٿاڻن جي پوليس طلب ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ان ڏس ۾ زخمي ايس ايڇ او سيد اصغر شاهه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ميهڙ تعلقي جي مختلف ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن لا آيل راشن ڪجھه ماڻھو ڦر ڪري رهيا هئا، روڪڻ تان انهن مون مٿان حملو ڪري گاڏي جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button