ايس ايس پي سکر سنگهار علي ملڪ جي خاص ٽيم روهڙي جي علائقي اسٽيشن روڊ تي هڪ جڳهه تي ڇاپو هڻي جوا کيڏڻ جي الزام ۾ 10 لک روڪ رقم، شراب جون بوتلون، مختلف قسمن جا تاس جا پتا ۽ موبائل فون هٿ ڪري ورتا. جوا جو اڏو هلائڻ جي الزام ۾ سومر جاگيراڻي، سنديپ ڪمار، صوبيدار ڪلوڙ، عزيز جتوئي، صدورو ڪورائي، نثار، يونس، زاهد، رياض جاگيراڻي، زبير احمد ڀنڀرو سميت 17 جوارين کي گرفتار ڪري سندن خلاف روھڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. جڏهن ته ايس ايڇ او روهڙي ياسر کوسو کي عهدي تان هٽائي معطل ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close