ڀان سيد آباد جي سم نالي دادو تعلقي جي ٽن يونين ڪائونسلن ۾ تباهي مچائي ڇڏي. 70 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا. ضلعي هيڊڪوارٽر دادو کي بچائڻ لاءِ يوسي يار محمد ڪلهوڙو جي ڳوٺ احمد خان جتوئي وٽان ڪٽ لڳائي پاڻي جو رخ انڊس ها وي ڏانهن ڪرڻ بعد پاڻي جو ڇوڙ درياهه ۾ ڪرڻ لاءِ انتظاميا تياري مڪمل ڪري ورتي. خبر موجب ڀان سيد آباد جي سم نالي دادو تعلقي جي ٽن يونين ڪائونسلن جا 70 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا. ضلعي انتظاميا پاران ضلعي هيڊڪواٽر دادو کي بچائڻ لاءِ يوسي يار محمد ڪلهوڙو جي ڳوٺ احمد خان جتوئي وٽان ڪٽ لڳائي پاڻي جو رخ انڊس ها وي طرف ڪري ڇڏيو آهي. ضلعي انتظاميه پاڪ فوج ۽ پوليس سان گڏ ڳوٺ احمد خان جتوئي پهچي هيوي مشينري ذريعي ڪٽ لڳايو. اسسٽٽ ڪمشنر ڊاڪٽر شاهنواز ميراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي هيڊڪوارٽر دادو کي بچائڻ لاءِ پاڻي جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪو هن وقت انڊس ها وي طرف پاڻي تيزي سان وڃي رهيو آهي پاڻي خدا آباد يونين ڪائونسل جا ڳوٺ محمد ابراهيم چانڊيو، ڳوٺ ڌوتڙا پنهور ڪراس ڪرڻ بعد انڊس ها وي سان ٽڪرائبو، جتان رات دير سان ڪٽ لڳائي پاڻي انڊس ها وي جي ٻئي طرف يوسي اميناڻي ۽ خدا آباد يونين ڪائونسلن جا 20 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙيندو ايل ايس بند تي پهچندو، جتان ڪٽ هڻي پاڻي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close