وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ زراعت کي 350 ارب رپيا نقصان ۽ لائيو اسٽاڪ ۾ لڳ ڀڳ 50 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، ٻوڏ وارن علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ 3 کان 6 مهينا لڳي ويندا، ڪراچي، پڊعيدن ۽ جيڪب آباد ۾ ڊيم نه ٿا ٺهي سگهن ڇو ته سنڌ ميداني علائقو آهي. ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جا سوا ڪروڙ بي گهر ماڻهو انساني الميي کي منهن ڏئي رهيا آهن، سڄي ملڪ ۽ عالمي ادارن جي مدد باوجود ٻوڏ متاثرن تائين اڃا 2 لک خيما به نه پهچائي سگهيا آهيون، اسان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي چيوسين ته اسان کي پئسا نه کپن، سنڌ کي خيمن، دوائن ۽ مڇردانين جي ضرورت آهي، ٻوڏ سبب سنڌ جي زراعت تباهه ٿي وئي آهي، سکر، خيرپور ۽ بدين کان وٺي ٿرپارڪر تائين هر پاسي رڳو تباهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته 75 سيڪڙو علائقن مان پاڻي ڪڍي ڪڻڪ جي پوکي ڪريون ۽ تباهه ٿيل زراعت کي وينٽيليٽر تي آڻيون، تباهه ٿيل آبادگارن کي ساڍا 3 کرب روپين جو پئڪيج ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻن مهينن اندر پاڻي نيڪال ڪري ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل پوکائڻ چاهيون ٿا، ڪراچي پهتل 18 هزار ٻوڏ متاثرن جي سار لهنداسين، سنڌ جي ٻوڏ متاثرن بابت ڪجهه ماڻهن بيوقوفي وارا بيان ڏنا. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪو به ڊئم ٺاهڻ جي گنجائش نه آهي، سنڌ جي شهرن ۾ ڊيم ٺاهيو وڃي ته ڪو اعتراض نه آهي، ڪراچي، پڊعيدن ۽ جيڪب آباد ۾ ڪوبه ڊئم نٿو ٺاهي سگهجي، ڇو ته اهي ميداني علائقا آهن، سنڌ جي ٻوڏ متاثر ڪجهه علائقن ۾ 8 کان 8 فوٽ پاڻي بيٺل آهن، برساتي پاڻي جي نيڪالي ۾ 3 کان 6 مهينا لڳي سگهن ٿا، جن علائقن مان ٻوڏ جو پاڻي لهي چڪو آهي اتي به اهڙي صورتحال ناهي جو ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي سگهن، ٻوڏ سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اسان وٽ خيما اڻپورا هئا، دوائن جي بجيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل به چيو ته هن اهڙي تباهي ڪڏهن به ناهي ڏٺي، اسان سڀني کي متاثرن جي گڏجي مدد ڪرڻي آهي. وزيراعليٰ ٻڌايو ته سنڌ جا 23 ضلعا ٻڏي ويا آهن، هڪ اندازي موجب سوا ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، اهو موسمياتي تبديلي جو نتيجو آهي، جنهن سبب گليشيئر ڳري رهيا آهن، اسان کي موسمياتي تبديلين تي ڪم ڪرڻو پوندو، سنڌ ۾ زرعي شعبي کي 350 اربن جو نقصان پهتو، ڪڻڪ جو فصل مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي، آبپاشي نظام تباهه ٿي ويو آهي، بحالي تمام ضروري آهي، متاثرن جي بحالي لاءِ پروگرام جوڙيو ويو آهي، وڏي انگ ۾ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ انهن لڏپلاڻ ڪئي آهي، ڪراچي ۾ 18 هزار متاثر آيا آهن ۽ انهن لاءِ اڻ وڻندڙ بيان ڏنا ويا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اسان وٽ موجود پئسن سان دوائون خريد ڪيون جيڪي اسٽاڪ ۾ هيون، ٻوڏ سبب صوبي ۾ لڳ ڀڳ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، ڪڻڪ جو فصل مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي، نومبر ۽ ڊسمبر تائين 75 سيڪڙو علائقي ۾ ڪڻڪ جي پوک شروع ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ ۽ تباهي ۾ هن خطي جي عوام جو قصور ناهي، موسمياتي تبديلين جو شڪار اڄ پاڪستان آهي، سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ هوندو، جڏهن کان هي خطو بڻيو آهي، اهڙي تباهي پهرين ڪڏهن به ناهي آئي، اهو سڀ ڪجهه فطرت سان وڙهڻ سبب ٿيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close