پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ اعليٰ ٿيو جنهن ۾ پ پ قمبر شهدادڪوٽ جي عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قمرالدين گوپانگ، تعلقي جي صدر ۽ ٻين عهديدارن سميت ايم پي اي سعديه جاويد، اعجاز لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ايم پي اي فريال ٽالپر کي قمبر شهدادڪوٽ جي عهديدارن پاران ٻوڏ ۽ برسات ۾ ٿيل نصقصان بابت بريفنگ ڏيڻ سان گڏ پارٽي طرفان جاري امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي فريال ٽالپر جو چوڻ هو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن جي روشني ۾ هر ٻوڏ متاثر خاندان جي مدد لاءِ پهچنداسين، ان لاءِ پارٽي ڪارڪن امدادي سرگرمين ۾ انتظاميه سان سهڪار ڪري متاثرن کي بنا ڪنهن فرق امداد پهچائڻ کي يقيني بڻائن. ٻئي طرف فريال ٽالپر ليڊيز ونگ ضلعي لاڙڪاڻي جي عهديدارن سان نئون ديرو هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ضلعي صدر آپا نصيبه چنه، جنرل سيڪريٽري راشده مغيري، انفارميشن سيڪريٽري فاطمه ميراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فريال ٽالپر جو چوڻ هو ته منهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي ليديز ونگ جا عهديدار ۽ ڪارڪن امدادي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن. غير معمولي برساتن سبب پيدا ٿيندڙ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ قومي اتحاد ۽ گڏيل تعاون سان ئي ممڪن آهي. اهڙي صورتحال ۾ برسات متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، ڇاڪاڻ ته عوام جي خدمت اسان جو مقصد آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close